تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين دعويٰ ڪئي آهي ته 16 کان 17 اميدوار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين دعويٰ ڪئي آهي ته 16 کان 17 اميدوار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن، تبديلي جي سفر ۾ جيڪو اسان سان گڏجڻ چاهي ٿو، گڏجي سگهي ٿو.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته 16 کان 17 اميدوار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن،

هن چيو ته اسان ناراض ميمبرن کي به پرچايو آهي، اڃا به 8 اميدوار اسان جي رابطي ۾ آهن،

جهانگير ترين چيو ته تبديلي جي سفر ۾ جيڪو اسان سان گڏجڻ چاهي ٿو، گڏجي سگهي ٿو.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي وفد ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادر آباد پهچي ملاقات ڪئي هئي.

پي ٽي آءِ طرفان جهانگير ترين، فردوس شميم نقوي، عمران اسماعيل، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، خواجه اظهار الحسن ۽ وسيم اختر ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي هئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ کي مئنڊيٽ ڏنو آهي، ايم ڪيو ايم سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ساڻن ڪيترين ئي ڳالهين تي اتفاق ٿيو آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو هو ته کين اميد آهي ته پي ٽي آءِ جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائيندي، اختيار وفاق کان صوبي تائين اچي ويا پر صوبن کان مڪاني ادارن تائين نه پهتا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*