آسٽريلين فائونڊيشن،  ايڌي فائونڊيشن کي 50 ايمبولينسز ڏئي ڇڏيون آهن

آسٽريلين فائونڊيشن،  ايڌي فائونڊيشن کي 50 ايمبولينسز ڏئي ڇڏيون آهن، فيصل ايڌي چيو آهي ته آسٽريلوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي، لياري ۾ اسان هڪ اسپتال کي سئو بيڊن ۾ تبديل ڪيوآهي،  جتي نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي تربيت به ڏني ويندي.

آسٽريلين فائونڊيشن ايڌي فائونڊيشن کي 50 ايمبولينسز ڏئي ڇڏيون آهن،

ان موقعي تي فيصل ايڌي چيو ته آسٽريلوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي آهي،

هن چيو ته پنجاهه ايمبولينسز سڄي ملڪ جي مختلف حصن ۾ مقرر ڪيون وينديون، اسان کي به هر سال ٻه سئو ايمبولينسز خريد ڪرڻيون پونديون آهن،

فيصل ايڌي  چيو فنڊنگ ۾ گهٽتائي هئي پر هاڻ بهتري اچي رهي آهي، سڄي دنيا ۾ اثر رسوخ رکندڙ اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن،

هن چيو ته اسان ڪنهن کان به مدد ناهيون وٺندا، عوام ايڌي صاحب تي اعتبار ڪندو هو ۽ ڪندو رهندو.

فيصل ايڌي چيو ته لياري ۾ اسان هڪ اسپتال کي سئو بيڊن ۾ تبديل ڪيوآهي،  جتي نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي تربيت به ڏني ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*