اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو آهي ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون، سياسي پارٽين پاران چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ وارو مطالبو مذمت جوڳو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي مبصرن چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏنو.

هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 52 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته پاڪستاني قوم ڀرپور حصو وٺي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ايم اي سميت گهڻ جماعتي اجلاس ۾ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن.

هن چيو ته ڪنهن به اميدوار کي اليڪشن ڪميشن توڙي عام چونڊن تي اعتراض آهي ته هو قانوني رستو اختيار ڪري، ڪوڙا الزام مڙهڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*