لاڙڪاڻي ۾پ پ اميدوار نندا کهڙو جي چونڊ مهم هلائيندڙ رڪشا ڊرائيورن کي ڀاڙو نه مليو

لاڙڪاڻي ۾پ پ اميدوار نندا کهڙو جي چونڊ مهم هلائيندڙ رڪشا ڊرائيورن کي ڀاڙو نه مليو، رڪشا يونين اڳواڻن الزام لڳائيندي چيو  آهي ته پئسا گهرڻ تان پ پ ضلعي صدر کين ِيرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

رڪشا يونين لاڙڪاڻي جي صدر گلزار گوپانگ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن دوران پي ايس 11 تي پ پ اميدوار ندا کهڙو جي چونڊ مهم لاءِ 860 رڪشا ڀاڙي تي حاصل ڪيا وياهئا.

هن چيو ته ندا کهڙو ۽ رڪشا يونين وچ ۾پ پ جو ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو هو، جنهن سموري ذميواري کنئي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته ندا کهڙو رهيل ڀاڙو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي دانهن ڏيڻ تان ضلعي صدر يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو.

گلزار گوپانگ چيو ته رڪشا ڊرائيورن کي پئسا ادا نه ڪيا ويا ته سڀاڻي احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*