مورو ويجهو ٻه مهينا پهريان لاشاري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي جو زخمي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

مورو ويجهو ٻه مهينا پهريان لاشاري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي جو زخمي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، لاش ڳوٺ پهچائڻ بعد وارثن  قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي.

ڳوٺ ڪروچي ماڙي جي رهواسي ڳوٺاڻن دورو بهڻ وٽ قومي شاهراهه تي ياسين لاشاري جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻنهي پاسي روڊ تي ٽريفڪ بيهجي وئي.

ان موقعي تي مظاھرين چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ٻه مھينا اڳ اسان جو نوجوان سانوڻ لاشاري قتل ڪيو ويو  ۽ ياسين لاشاري کي زخمي ڪري مرڻينگ ڪيو ويو ھو جيڪو ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

 ھنن چيو ته اسان جا ٻه ڳڀرو نوجوان قتل ڪيا ويا آھن جنهن جو قمرالدين ٿاڻي تي ڇھن نامزد جوابدارن ۽ ٻن اڻ ڄاتل جوابدارن مٿان ڪيس به داخل آھي پر پوليس هو وقت تائين صرف ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آھي.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس جي سڀني جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 ٻئي طرف ڌرڻي واري ھنڌ ڊي ايس پي مورو حفيظ الرحمان بلوچ مظاھرين سان ڳالھيون ڪري انصاف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيوآهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*