پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ميانوالي واري سيٽ رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ميانوالي واري سيٽ رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ کيس 4 سيٽون ڇڏڻيون پونديون.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي هن فيصلو ڪيو آهي ته هو رڳو اين اي 95 ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو.

عمران خان اسلام آباد جي تڪ اين اي 53، لاهور جي تڪ اين اي 131، اين اي 35 بنون ۽ ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تان به ڪامياب ٿيو  هو.

پي ٽي آءِ چيئرمين رڳو ميانوالي واري سيٽ پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ باقي چار تڪ کيس ڇڏڻا پوندا.

واضح رهي ته عمران خان چونڊ مهم دوران واعدو ڪيو هو ته هو ميانوالي واري تڪ تان پهريون ڀيرو چونڊ وڙهي رهيو آهي، تنهنڪري ڪاميابي جي صورت ۾ هو رڳو ميانوالي وارو تڪ ئي پاڻ وٽ رکندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*