پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين بابت  غور ويچار ڪيو ويو آهي

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين بابت  غور ويچار ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه، پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر، آغا سراج دراني، مراد علي شاهه ۽ ڪامياب ٿيل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي اميدوارن شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين  تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻڻ جو به فيصلو  ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*