ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ گرمين جي موڪلن بعد اسڪول ٻيهر کلي ويا آهن

ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ گرمين جي موڪلن بعد اسڪول ٻيهر کلي ويا آهن، بلوچستان توڙي ڪي پي جي گرم علائقن ۾ به موڪلون ختم ٿيڻ بعد ٻارڙا اسڪول پهتا پر ٻارڙن جي حاضري گهٽ رهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ ۾ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ خانگي توڙي سرڪاري اسڪول اڄ کلي ويا آهن.

اڍائي مهينن جي موڪن بعد ٻارڙا اسڪول پڙهڻ لاءِ  پهتا، جڏهن ته پهرين ڏينهن تي اسڪولن ۾ حاضري گهٽ رهي.

سنڌ ۾ 14 مئي کان اونهاري جون موڪلون شروع  ٿيون هيون،  جيڪي 15 جولاءِ تي ختم ٿيڻيون هيون پر اليڪشن سبب  وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اسڪول ڏيڍ مهيني تائين بند رهيا.

بلوچستان جي گرم علائقن ۾ به  اونهاري  جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اسڪول کلي ويا آهن.

بلوچستان جي تعليم کاتي جو چڻ آهي ته  صوبي  جي گرم علائقن ۾ 17 ضلعا شامل آهن، جن ۾ سبي، لسٻيلا، گوادر، تربت، جعفرآباد، نصير آباد، جهل مگسي   ۽ ٻيا شامل آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ به سرڪاري توڙي خانگي اسڪول اڄ کلي ويا آهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين به اسڪول پهتا پر  ٻارڙن جي حاضري گهٽ رهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*