اسلام آباد جِي احتساب عدالت، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس تي فريادي

اسلام آباد جِي احتساب عدالت، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس تي فريادي ڌر جي هڪ وڌيڪ شاهد جو بيان قلمبند ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جِي احتساب عدالت جَي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم تي فريادي ڌر جي ٽن شاهدن  اشتياق احمد خان، سعيد احمد خان ۽ قمر زمان سميت اسحاق ڊار جو وڪيل پيش ٿيو.

عدالت فريادي ڌر جي هڪ شاهد اشتياق احمد خان جو بيان قلمبند ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ٻن شاهدن جا بيان ڪجهه دير کانپوءِ رڪارڊ ڪيا ويندا.

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس ۾ شريڪ جوابدار جي بريت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، وفاقي گهرو وزارت جي منظوري سان جوابدار جا ريڊ وارنٽ پڻ جاري ٿيل آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*