اسلام آباد جِي احتساب عدالت نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد جِي احتساب عدالت نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جَي جج محمد بشير نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز  تي ٻڌڻي ڪئي.

احتساب عدالت جو جج محمد بشير ريمارڪس ڏنا ته ريفرنسز جي منتقلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته  وڪيل خواجه حارث به مٿس بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪو آهي.

عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻڌڻي 3 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، وڌيڪ ريفرنسز  تي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*