2018ع جي عام چونڊن ۾ هارايل اميدوارن جي درخواستن تي قومي ۽ صوبائي تڪ تي ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل جاري آهي

2018ع جي عام چونڊن ۾ هارايل اميدوارن جي درخواستن تي قومي ۽ صوبائي تڪ تي ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل جاري آهي.

فيصل آباد جي قومي تڪ اين اي هڪ سئو 8 تي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ عابد شير علي جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

قومي تڪ تان پاڪستان تحريڪ انصاف جو فرخ حبيب ڪامياب ٿيو هو، جنهن خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي چار تي نواز ليگ اڳواڻ امير مقام جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

اهڙي ريت قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي مختلف تڪن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*