بدين جي تڪ پي ايس 73 ۽ اين اي 230 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ  جاري آهي

بدين جي تڪ پي ايس 73 ۽ اين اي 230 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ  جاري آهي، ڊاڪٽر فهميدا مرزا صوبائي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائندي موقف اختيار ڪيو هو تڪ تي وڏي ڌانڌلي ٿي آهي، ري ڪائونٽنگ روڪرائي معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو وڃي.

بدين جي قومي تڪ اين اي 230 تي هارايل اميدوار رسول بخش چانڊيو جي مبينا ڌانڌلي خلاف درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

پي ايس 73 تي هارايل اميدوار فهميده مرزا پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ووٽن جي ڳڻپ روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، پر ان باوجود ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.

هارايل اميدوار فهميده مرزا درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو هو ته تڪ تي وڏي ڌانڌلي ٿي آهي، جنهن ۾ عملدار به ملوث آهن، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪرائي معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*