سپريم ڪورٽ، راولپنڊي جي قومي تڪ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪيمشن جو نوٽيفڪيشن

سپريم ڪورٽ، راولپنڊي جي قومي تڪ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪيمشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي تڪ تي ٻيهر ننڍي چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  چيف جسٽس شيخ رشيد سان مخاطب ٿيندي چيو ته، مون اڳ ئي چيو هو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس صاحب!، اوهان عظيم آهيو، قوم اوهان جي ٿورائتي آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 راولپنڊي تي ن ليگ جي حنيف عباسي جي نااهلي سبب چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سوڌو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جنهن پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي.

عدالت تڪ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته الڪيشن ڪميشن اين اي 60 راولپنڊي تي قانون موجب ننڍي چونڊ ڪرائي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان مخاطب ٿيندي چيو ته شيخ صاحب!، مون اڳ ئي چيو هو ته چونڊون وقت تي ٿينديون.

شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس صاحب! اوهان عظيم آهيو، پاڪستاني قوم اوهان جي ٿورائتي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ماڻهو ته چون ٿا ته مان اوهان سان گڏ آهيان.

عدالت اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي ننڍي چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستاني قوم هاڻي تبديلي جي خواهشمند آهي ۽ عمران خان ئي عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهي ٿو.

هن چيو ته، سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوارن مان هڪ نااهل ٿيو ته ٻيو وري گهر ويهي رهيو، اين اي 60 تي هاڻي راشد شفيق نالي اميدوار چونڊ وڙهندو.

شيخ رشيد چيو ته، ٽنهي صوبن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهي رهي آهي، قوم کي عمران خان تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو تبديلي ضرور آڻيندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*