ورلڊ ڪپ جي هڪ اهم ميچ ۾ آسٽريليا دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد ڀارت کي 95 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

چار ڀيرا جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن آسٽريليا هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد دفاعي چيمپيئن ڀارت کي95 رنز تان شڪست ڏئي پنجون ڀيرو ڪرڪيٽ جي عالمي چيمپيئن بڻجي وئي آهي.

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ کيڏي ويل 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٻي سيمي فائنل ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

 مقرره 50 اوورس ۾ ميزبان آسٽريليا جي ٽيم7 وڪيٽن جي نقصان تي 328رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ اسٽيون سمٿ جي 105رنز جي شاندار اننگ شامل آهي.

اسٽيون پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي ستين سنچري اسڪورڪئي، سندس اننگ ۾ 11 چونڪا ۽ٻه ڇڪا شامل هئا.

آرون فنچ  ست چونڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 81، شِين واٽسن 28، گلين ميڪسويل 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن مچل جانسن 9 بالن تي 4 چونڪن ۽هڪ ڇڪي جي مدد سان 27رنز اسڪورڪيون.

ڀارتي ٽيم پاران اميش ياديوِ 72رنز ڏئي چار، موهت شرما 75رنز ڏئي ٻه، جڏهن ته ايشون هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

  ڀارتي ٽيم آسٽريليا جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 329 جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

ڀارٽي ٽيم جي اسٽار بيٽسيمين شيکر ڌون 45، روهت شرما 34، ورات ڪوهلي هڪ سريش رائنا 7، اجنيڪا رهاني 44 ۽ ڪپتان مهيندرسنگهه ڌوني 65رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

آسٽريلوي ٽيم پاران مچل جانسن 2۽ جيمز فالڪنر2-2 جڏهن ته مچل اسٽارڪ ۽هيل ووڊ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اسٽيون سمٿ کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل 29 مارچ تي ميلبورن ۾ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*