سپريم ڪورٽ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي نين تڪبندين بابت درخواست

سپريم ڪورٽ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي نين تڪبندين بابت درخواست تي رجسٽرار جا اعتراض رد ڪندي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه سربراهه مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته ڪراچي جي تڪبندين ۾ ڦير ڦار ڪري آدمشماري دوران عوام جو انگ گهٽ ڄاڻايو آهي.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار  پي ايس پي سربراهه جي درخواست تي اعتراض واريندي رد ڪري ڇڏي هئي، چيف جسٽس جيڪا اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته درخواست تي موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي ويندي، ان حوالي سان ڌريون پيش ٿين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*