سپريم ڪورٽ، چرچ حملي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائگي ۾ دير بابت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ، چرچ حملي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائگي ۾ دير بابت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ چرچ حملي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته حملي جي سمورين متاثرن کي معاوضو ملي چڪو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وڏي مهرباني ايتري عرصي کانپوءِ متاثرن کي معاوضو ڏنو ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي ٿي چڪي آهي، پاڻمرادي نوٽيس جي هاڻي ضرورت نه آهي.

جاويد مسيح عدالت کي ٻڌايو ته کين عيسائي بدران مسيح ڪوٺيو وڃي، ان حوالي سان عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس جاويد مسيح  سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان وٽ عدالتي حڪمنامو موجود آهي، جتي مسئلو ٿئي اتي ڏيکاريو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*