خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران مخالفن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران مخالفن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرد سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني ڪميشن پرويز خٽڪ خلاف چونڊ مهم دوران غير مناسب ٻولي جي استعمال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي، لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.

پرويز خٽڪ جي وڪيل چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌايو ته سندس اصيل پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران ڳالهايل ٻوليءَ تي شرمند آهي ۽ هو غير مشروط معافي وٺي ٿو.

چيف اليڪشن ڪمشنر وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران جيڪي گٿا لفظ ڳالهايا، اهي اوهان ٻڌا هئا؟.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪم تي پرويز  خٽڪ جي وڊيو وڪيل جي موجودگي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ وڊيو هلائي وئي.

جسٽس رٽائرڊ سردار رضا وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو اصيل پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران عورتن کي به گهٽ وڌ ڳالهايو، اهڙي قسم جي ٻولي جو استعمال سمجهه کان ٻاهر آهي.

پرويز خٽڪ جي وڪيل ٻڌايو ته سندس اصيل اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي وٺي ٿو ۽ خاطري ڪرائي ٿو ته اڳتي اهڙي قسم جي ٻولي جو استعمال نه ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن پرويز خٽڪ جي غير مشروط معافي کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 9 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پرويز خٽڪ کي چونڊ مهم روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته گٿن لفظن جي استعمال سبب سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان مشروط آهي.

…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*