بالي ووڊ جي ٽريجڊي ڪوئين مينا ڪماري جي اڄ 86 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

بالي ووڊ جي ٽريجڊي ڪوئين مينا ڪماري جي اڄ 86 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، مينا ڪماري 38 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي پر پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سبب مداحن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهي.

اداڪاره مينا ڪماري پهرين آگسٽ 1932ع تي جنم ورتو، ڪجهه فلمن ۾ هن چائلڊ اسٽار طور ڪم ڪيو، بعد ۾ مينا بطور هيروئن پهرين فلم ”بچون ڪا کيل“ ۾ ڪم ڪيو جيڪا 1946ع ۾ رليز ٿي ۽ مينا 14 سالن جي عمر ۾ هيروئن بڻجي وئي.

 مينا ڪماري کي اصل شهرت 1952ع ۾ هدايتڪار وجي ڀٽ فلم ”بيجو بائورا“ کان ملي، مينا ڪماري پنهنجي فلمي ڪيرئير ۾ 90 کان به وڌيڪ فلمن ۾ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو جن ۾ پري نيتا، ڪاجل، ڦول اور پٿر، دل ايڪ مندر، آرتي، پاڪيزه، صاحب بي بي اور غلام جهڙيون مشهور فلمون به شامل آهن.

 مينا ڪماري 31 مارچ سال 1972ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، واضح رهي ته ميناڪماري جو لاڏاڻو ان وقت ٿيو هيو جڏهن سڀ کان وڌيڪ مشهور سندس فلم پاڪيزه جي رليز کي ٻن مهينن جو عرصو به نه گذريو هو.

 مينا ڪماري کي سالگرهه تي گوگل پاران  ڀيٽا پيش ڪندي  سندس تصوير کي پهرئين صفحي تي شايع ڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*