ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ متحده جي باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جاچ ٽيم طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ متحده جي باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جاچ ٽيم طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، برطانيا جي قانوني فرم متحده باني خلاف جاچ شروع ڪندي شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي، متحده باني ڪراچي اندر رتوڇاڻ ۾ به ملوث آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي باني خلاف مني لانڊرنگ ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ڪيس ۾ اهم  اڳڀرائي کان عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو،

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي قانوني فرم ايم ڪيو ايم جي باني خلاف خدمتون حاصل وٺندي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي،

جاچ آفيسر چيو ته برطانوي قانوني فرم ايم ڪيو ايم باني خلاف شاهديون گڏ ڪري رهي آهي،ايم ڪيو ايم باني ڪراچي ۾ ملڪ دشمن سرگرمين ۽ رتو ڇاڻ ۾ ملوث رهيو آهي.

جاچ آفيسر چيو ته ايم ڪيو ايم جي باني خلاف ٻين ملڪن مان به شاهديون گڏ ڪيون پيون و ڃن.

جاچ آفيسر چيو ته ماضي ۾ برطانوي قانوني فرم جون خدمتون نه هئڻ سبب ايم ڪيو ايم باني بچندو رهيو آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هن وقت تائين 69 بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل سامهون اچي چڪا آهن، وڌيڪ اڳڀرائي کان عدالت کي تمام جلد آگاهه ڪنداسين.

ايف آءِ اي چيو ته ڪي ڪي ايف جي فنڊز جو غلط استعمال ڪيو ويو، متحده جي ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ ڊپٽي ميئر ذريعي رقم منقل ڪئي وئي.

ايف آءِ اي چيو ته نيب، رينرجز ۽ ٻين ادارن کان به معلومات طلب ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت ذريعي ٻين ملڪن کان به معلومات گهرائي آهي.

ايف آءِ اي چيو ته برطانوي حڪومت ۽ يو اي اي جي عملدارن کان به بينڪ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ گهرايو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*