سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آف شور ڪمپنين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب وڌيڪ جاچ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آف شور ڪمپنين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب وڌيڪ جاچ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. عدالت پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار ڏيرو  جي عبوري ضمانت ۾ ڇهه هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آف شور ڪمپنين بابت ڪيس ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل  عبدالستار ڏيرو، سندس گهرواري زاهده ستار ڏيرو ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌني دوران نيب طرفان جاچ ممڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.

عدالت عبدالستار ڏيري ۽ سندس گهر واري جي عبوري ضمانتن ۾ ڇهن هفتن جي واڌ ڪري ڇڏي.

نيب موجب، هن وقت تائين جاچ ۾ ڇهه آف شورز ڪمپنين جو تعلق ڏيرا فيملي سان سامهون آيو آهي،

نيب موجب، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ برٽش سرڪار سان رابطو ڪيو ويو آهي. مڪمل جاچ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

عدالت نيب درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ڇهن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*