دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو، جنهن بعد وڪيل سندس ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ڪري ورتا آهن.

 اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت شهيد بينظير آباد ۾ پوليس پيش ڪيو، جتي جاچ آفيسر ڪيس جو ڪچو چالان پيش ڪيو جنهن تي عدالت ناراضگي ظاهر ڪندي پڪو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 عدالتي هدايت تي جاچ آفيسر هڪ ڪلاڪ وقت کانپوءِ ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

 اسماعيل ڏاهري ڪيس جو حتمي چالان پيش ٿيڻ بعد وڪيل سندس ضمانت جي داخل ڪرايل درخواست تي دليل ڏنا.

 اسماعيل ڏاهري جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار جي صحت بهتر ناهي ۽ سندس مٿان ڪيس به جڙتو آهي جو سندس وٽان هٿ آيل سمورا هٿيار لائيسنس جا هئا.

 دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*