نيب پشاور، نواز ليگ اڳواڻ امير مقام کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو

نيب پشاور، نواز ليگ اڳواڻ امير مقام کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

نيب اختيارين موجب، ڪي پي ۾ نواز ليگ جي صوبائي صدر  امير مقام خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ جاري آهي.

نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته امير مقام کي سوالن جي جوابن لاءِ سڀاڻي نيب پشاور آفيس طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته امير مقام خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ نيب کي اهم دستاويز  ملي ويا آهن، ان حوالي سان نواز ليگ اڳواڻن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي.

واضح رهي ته امير مقام کي 12 ۽  14 جولاءِ تي به طلب ڪيو ويو هو، پر هن پيش ٿيڻ بدران عام چونڊن تائين ڇوٽ جي درخواست داخل ڏني هئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*