دولت جي ڪري رشتن ۾ پوندڙ وٿين جي عڪاسي ڪندڙ ڪي ٽي اين جي نئين ڊراما سيريل “ ڪاغذ جو شهر”  جو پرومو جاري ڪيو ويو آهي

دولت جي ڪري رشتن ۾ پوندڙ وٿين جي عڪاسي ڪندڙ ڪي ٽي اين جي نئين ڊراما سيريل “ ڪاغذ جو شهر”  جو پرومو جاري ڪيو ويو آهي، هي ڊراما سيريل 4 آگسٽ کان ڪي ٽي اين انٽرٽئنمنٽ تان هر هفتي قسطوار نشر ڪيو ويندو.

 ڪي ٽي اين انٽرٽينمنيٽ جي ڊراما سيريل “ ڪاغذ جو شهر” ۾ هڪ ڪٽنب جي ڪهاڻي کي موضوع بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ دولت جي ڪري رشتن ۾ ويڇا وڌي وڃن ٿا.

سيريل جي مکيه اداڪارن ۾ ممتاز ڪنول، روبي علي، اعجاز ٻرڙو، اسلم ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن.

 هي ڊراما سيريل 4 آگسٽ کان هر ڇنڇر تي رات 8 لڳي 10 منٽن تي قسطوار نشر ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*