ميهڙ ۾ رائيس ڪئنال ۽ ڪڪول واهه سميت تعلقي جي 30 شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ميهڙ ۾ رائيس ڪئنال ۽ ڪڪول واهه سميت تعلقي جي 30 شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

سڪندر سوڍر، حميد سومرو ۽ ڊاڪٽر برڪت جتوئي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي گاهي مهيسر چوڪ وٽ شاميانا هڻي ڌرڻو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته رائيس ڪئنال جي چيف انجنيئر سميت ٻيا آبپاشي عملدار پاڻي لاءِ لکين روپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، ڪو به چونڊيل نمائندو ۽ عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رائيس ڪئنال جي چيف انجنيئر سميت ٻين آبپاشي عملدارن کي هٽائي اسان کي پاڻي فراهم ڪري معاشي بدحالي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*