ن ليگ خيبرپختونخواهه جي صدر امير مقام آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي تي نيب پشاور آڏو پيش ٿي  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي

ن ليگ خيبرپختونخواهه جي صدر امير مقام آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي تي نيب پشاور آڏو پيش ٿي  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ امير مقام آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت الزامن جي جاچ لاءِ نيب پشاور آفيس پهچي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.

نيب موجب، امير مقام جون اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ملڪيتون آهن، جڏهن ته مٿس شانگلا ۽ پشاور ۾ زرعي زمين خريد ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب ۾ پيشي دوران ڳالهائيندي امير مقام چيو ته کيس نيب هڪ فارم ڏنو آهي، جنهن تي هن سمورن اثاثن جا تفصيل لکي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته مٿس      ڪرپشن جا ڪوڙا الزام مڙهيا ويا، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائيندي رهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*