خيبرپختونخواهه ۾ ڪوهاٽ جي تڪ پي ڪي 80 تي عورتن جي بابري بانڊي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو عمل جاري آهي

خيبرپختونخواهه ۾ ڪوهاٽ جي تڪ پي ڪي 80 تي عورتن جي بابري بانڊي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو عمل جاري آهي، عورت ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪري رهيون آهن،

خيبرپختونخواهه ۾ ڪوهاٽ جي تڪ پي ڪي 80 تي عورتن جي بابري بانڊي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو عمل جاري آهي،

 عورت ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق ادا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن،

اليڪشن ڪميشن چيو آهي  ته پولنگ عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو 6 وڳي تائين جاري رهندو،

اليڪشن ڪميشن  موجب، اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي ۽ عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو هو،

اليڪشن ڪميشن چيو ته مبينا ڌانڌلي جي رپورٽ سبب اڄ ٻيهر چونڊون ڪرايون پيون وڃن،

واضح رهي ته هن تڪ تان آزاد اميدوار امجد آفريدي ڪامياب ٿيو هو ۽ پي ٽي آءِ جو اميدوار آفتاب عالم ٻئي نمبر تي هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*