غوثپور ويجهو پراڻي دشمني تان فائرنگ جي نتيجي ۾ڳوٺاڻو مارجي ويو

غوثپور ويجهو پراڻي دشمني تان فائرنگ جي نتيجي ۾ڳوٺاڻو مارجي ويو، سندس امڙ زخمي ٿي پئي، جوابدارموقعي تان فرار ٿي ويا.

ڳوٺ فوجي لولائي ڀرسان جوابدارن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار لکڻ لولائي ٿڏي تي مارجي ويو، سندس امڙ سڪينا زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي غوثپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 جڏهن ته زخمي عورت سڪينا کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

پوليس موجب واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي وياآهن، واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*