ميرپورماٿيلي ۾اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ ڪيوويو آهي

ميرپورماٿيلي ۾اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ ڪيوويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي هيروئن جو عادي هو، گهڻي هيروئن واپرائڻ سبب فوت ٿي ويوآهي.

باءِ پاس وٽ نئين مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل شخص جو لاش ڏسي شهرين پوليس کي اطلاع ڪيو.

اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس نئين مارڪيٽ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپورماٿيلي پهچايو.

 آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، پوليس موجب فوتي هيروئن جو عادي هو، هيروئن گهڻي مقدار ۾واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*