ڪوٽ ڏيجي ڀرسان ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾گوليون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن  ۾ ٻه عورتون به شامل آهن

ڪوٽ ڏيجي ڀرسان ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾گوليون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن  ۾ ٻه عورتون به شامل آهن.

 ڳوٺ شاهنواز سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪنهن معمولي ڳالهه تان  جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گوليون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ٻن عورتن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي ڀرپاسي  جي ٻين ڳوٺن جي رهواسين پهچي ڌرين ۾ ٺاپر ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته زخمين کيِ ڪوٽڏيجي سپتال داخل ڪيو ويو، جن مان لياقت ۽ عارب سولنگي کي گوليون لڳل هئڻ ڪري سول اسپتال خيرپور ميرس منتقل ڪيو ويو آهي.

 زخمي ٿيلن ۾ عورت مسمات بادشاهه زادي، رخسانه، شاهنواز، عثمان ۽ ذيشان به شامل آهن، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*