ن ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ايم اي اڄ ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي

ن ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ايم اي اڄ ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي، جنهن ۾ وزير اعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  جي نالن سوڌو مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو.

ن ليگ، پيپلز پارٽي، متحده مجلس عمل اڄ شام اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي شرڪت ڪرڻ جا امڪان آهن.

اي پي سي ۾ ن ليگ، پيپلز پارٽي، متحده مجلس عمل، پشتونخواهه ميپ، قومي وطن پارٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي سميت ٻين پارٽين کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

اي پي سي ۾ وزير اعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ احتجاج جي حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف وائيٽ پيپر به جاري ڪيو ويندو.

آل پارٽيز ڪانفرنس دوران قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوار سامهون آڻڻ سميت اپوزيشن ليڊر جو نالو به طئي ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*