ميهڙ جي پي ايس 84  جي گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول ٻيٽو جتوئي جي عورتن واري پولنگ تي اڄ ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي

ميهڙ جي پي ايس 84  جي گورنمينٽ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول ٻيٽو جتوئي جي عورتن واري پولنگ تي اڄ ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ڄاڻايل پولنگ اسٽيشن جي عورت پرزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز ڦر ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، معاملي جو ڪيس به ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي تحريڪ انصاف جي 100 مرد ۽ عورت ڪارڪنن خلاف  داخل  ڪيو ويو، جنهن بعد آر او اليڪشن ڪميشن کي پولنگ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ لاءِ ليٽر لکيو هو.

اليڪشن ڪميشن اڄ ٻيهر ٻيٽو جتوئي جي عورتن واري پولنگ تي چونڊ ڪرائي رهي آهي.

ڊي ايس پي ميھڙ جي اڳواڻي ۾ 220 پوليس اھلڪار ۽ 40 فوجي جوان پولنگ تي ڊيوٽي ڪري رھيا آھن، ڪنھن به غير واسطيدار ماڻھو کي پولنگ واري رستي ڏانھن اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

پولنگ تي 1226 ووٽ رجسٽرڊ ٿيل آھن، پي ايس 84 تي پي ٽي آءِ اميدوار  صداقت جتوئي ۽ پ پ اميدوار فياض ٻٽ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*