سرگوڌا ڀرسان بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا

سرگوڌا ڀرسان بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، پشاور ۾ اسڪولي وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سرگوڌا جي علائقي ڀوال ۾ ٽرڪ ۽ مسافر بس وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.

هوڏانهن پشاور  ۾ اسڪولي وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*