سپريم ڪورٽ، ڊهوچا ڊيم جي تعمير ۾ دير بابت ڪيس ۾ پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 29 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ، ڊهوچا ڊيم جي تعمير ۾ دير بابت ڪيس ۾ پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 29 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي بحران جي خاتمي لاءِ ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ ڊهوچا ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بحريا ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض وڪيل اعتزاز احسن سوڌو پيش ٿيو.

اعتزاز احسن عدالت کي ٻڌايو ته ڊهوچا ڊيم جي سائيٽ ون تي تعمير لاءِ سندس اصيل ملڪ رياض تيار آهي، 2015ع ۾ عدالت حڪم ڏنو هو ته ملڪ رياض ڊيم تعمير ڪري ڏيندو.

ملڪ رياض جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت اسٽي وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊيم به تعمير نه ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڊيم جي سائيٽ  تي 20 سيڪڙو زمين بحريه ٽائون جي آهي.

ملڪ رياض چيو ته هو ڊيم ٺاهي ڏيندا، ان حوالي سان عالمي سطح جي مانيٽرنگ ڪرائي وڃِي، پر بيورو ڪريسي تي ڀاڙڻ لاءِ نه ڇڏيو وڃي.

چيف جسٽس ملڪ رياض سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجو پرپوزل لکت ۾ جمع ڪرايو، ان جي آڌار تي پنجاب حڪومت کان راءِ طلب ڪئي ويندي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ملڪ رياض کي چيو ته اوهان بيورو ڪريسي لاءِ مثبت ٻولي استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوهان جيڪو ڪجهه آيو بيورو ڪريسي جي ڪري آهيو.

چيف جسٽس چيو ته هو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ختم ٿئي، ان لاءِ ننڍا وڏا ڊيم تعمير ڪرڻا پوندا،عدالت کي ٻڌايو ويو هو ته پيپلي ڊيم به ٺهي سگهي ٿو.

اعتزاز احسن چيو ته پيپلي ڊيم ٺهي سگهي ٿو، پر هڪ ئي وقت تي 2 ڊيم ٺاهڻ ممڪن نه آهي.

عدالت پيپلي ڊيم بابت پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*