ٽانڪ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽانڪ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس 2 واٽهڙو زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب، ٽانڪ جي مين بازار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني.

حملي جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽانڪ ڪرامت الله ٿڌي تي مارجي ويو، جڏهن ته 2 واٽهڙو زخمي ٿي پيو.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، پر ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

پوليس مقتول اي سي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*