ڪراچي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل 7 ورهين جي نينگري ڪائينات جو قتل ڪيس چئن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل 7 ورهين جي نينگري ڪائينات جو قتل ڪيس چئن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب، گرفتار ٿيل جوابدارن نينگريءَ تي تشدد جو اعتراف ڪيو آهي. ڊين اين اي ٽيسٽ بعد زيادتي جي جوابدار جي خبر پوندي.

ڪراچي ۾  ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ 7 سالن جي ٻارڙيءَ ڪائينات کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ وارو ڪيس چئن ڄڻن تي سچل ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 پوليس نينگريءَ جي وارثن جي فرياد تي الطاف شاهه، عارف شاهه، حيدر شاهه ۽ شاهد محمود مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

عابد قائمخاني چيو ته حراست ۾ ورتل 4 جوابدار مقتول نينگريءَ جا مائٽ آهن، جن ٻارڙي تي تشدد جو اعتراف ڪيو آهي،

ايس ايس پي انويسٽي گيشن موجب، ڊي اين اي ٽيسٽ سان زيادتي جي جوابدار جو پتو پئجي ويندو، جوابدار نينگري تي تشدد ڪندا رهندا هئا،

ايس ايس پي انويسٽي گيشن چيو ته نينگري جي جسم تي سگريٽن جي ڏنڀ جا نشان به آهن، نينگري کي زيادتي ۽ تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*