سنڌ هاءِ ڪورٽ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي ڪرپشن ڪيس ۾  نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 28 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي ڪرپشن ڪيس ۾  نيب کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 28 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کي گهرجي ته جيترا به ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن کي فوري طور اڪلايو وڃي، 28 آگسٽ تائين نيب ڪرپشن ڪيس بابت اڳڀرائي کان عدالت کي آگاهه ڪري،

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي ۾ ڪرپشن واري ڪيس  ۾ اڪائونٽ آفيسر ڊاڪٽر پرويز اسلم جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جواب داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان رڳو جواب داخل ڪرائڻ لاءِ پيش ٿيندا آهيون؟  اوهان جاچ شروع ٿيڻ بعد سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار اٺ سالن تائين عبوري ضمانت تي هوندا آهن، ٻڌايو وڃي ته آخر ڇو اوهان وٽ هزارين ڪيس دير جو شڪار ٿي رهيا آهن. اوهان جاچ کي جلد ڇو نه مڪمل ڪندا آهيو؟

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته  اسان ڪوشش ڪندا آهيون ته پنهنجو ڪم جلد مڪمل ڪيون، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان ته جواب داخل ڪرائڻ ۾ ڇهه ست مهينا لڳائي ڇڏيندا آهيو، جيستائين جوابدار آزاد گهمندو رهندو  آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ ۾ اسان جاچ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته نيب چاهي ته جيترا ريفرنسز آهن، انهن کي جلد اڪلائي سگهي ٿي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جاچ ۾ دير ٿيڻ سبب  جوابدارن کي فائدو ٿيندو آهي،

عدالت 28 آگسٽ تائين نيب کي جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ڪيس بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*