اڊيالا جيل ۾ قيد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر سان ملاقات لاءِ نون ليگ صدر شهباز  شريف سميت ٻيا اڳواڻ جيل پهچي ويا آهن

اڊيالا جيل ۾ قيد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر سان ملاقات لاءِ نون ليگ صدر شهباز  شريف سميت ٻيا اڳواڻ جيل پهچي ويا آهن.

اڊيالا جيل ۾ اڄ قيدين سان ملاقات جو ڏينهن آهي ۽ شام پنجين وڳي تائين ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو.

نواز شريف، مريم  نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سان ملاقات لاءِ نواز ليگ جو صدر ميان شهباز شريف ، اڳوڻو گهرو وزير احسن اقبال، سنڌ جو اڳوڻو گورنر محمد زبير، خرم دستگير، خواجه آصف ۽ سائره افضل تارڙ سميت ٻيا ليگي اڳواڻ اڊيالا پهتا.

نواز شريف جي ويجهو ساٿي طارق فاطمي به پنهنجي گهر واري سوڌو اڊيالا جيل پهتو، جڏهن ته جاويد هاشمي عرفان صديقي، مريم اورنگزيب، مصدق ملڪ، پرويز رشيد ۽ چوڌري تنوير به ملاقات لاءِ جيل پهتا آهن.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير  ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف اڊيالا جيل ڪجهه دير بعد نواز شريف سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران جنهن دوران ملڪ جي موجوده صورتحال، نيب ڪيسز سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*