پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ رابطن ۽ ملاقات جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ رابطن ۽ ملاقات جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ وفد بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي آهي.

اسلام آباد جي بلوچستان هائوس ۾ تحريڪ انصاف جي وفد بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران حڪومت سازي سميت ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته پي ٽي آءِ وفد سان ملاقات مثبت رهي،  اسيمبليز ۾ اچڻ جو مقصد ذاتي  مفاد نه پر عوامي مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي.

هن چيو ته بلوچستان مسئلي تي اڄ ڏينهن تائين ڌيان نه ڏنو ويو، عوامي مسئلي جي حل تائين ترقي ممڪن ناهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف آڏو ڪجهه مطالبا رکيا آهن، جن ۾ گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ وارو مسئلو شامل آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو ته اختر مينگل سان ملاقات مثبت رهي، بلوچستان مسئلي جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح هوندي.

هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته بلوچستان جو مسئلو تڪڙو حل ٿئي، اختر مينگل جا سمورا مطالبا عمران خان آڏو رکيا ويندا.

نعيم الحق چيو ته اختر مينگل کي عمران خان سان ملاقات جي دعوت ڏني، اميد ته اختر مينگل ۽ عمران خان وچ ۾ملاقات اڄ ئي ٿيندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*