حيدرآباد جي عدالت جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اين اي 230 تي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

حيدرآباد جي عدالت جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اين اي 230 تي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، فهميده مرزا چيو ته جي ڊي اي وفاق ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي خلائي مخلوق چيو ويو، اها رڳو سنڌ ۾ نظر آئي،

حيدرآباد جي عدالت ۾ جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اين اي 230 تي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جي ڊي اي اميدوار فهميده مرزا پيش ٿي.

عدالت جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اين اي 230 تي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا چونڊن دوران ٿيل ڌانڌلي خلاف سڀاڻي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

 فهميده مرزا چيو ته جي ڊي اي وفاق ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي خلائي مخلوق چيو ويو، اها سنڌ ۾ نظر آئي،

فهميده مرزا چيو ته خلائي مخلوق، خدائي مخلوق جو حق ڦريو، اليڪشن صاف شفاف ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ فيل ٿي ويا، اسان جو ميڊيٽ ڦريو ويو  آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*