ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس عورت کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس عورت کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، مختلف علائقن منشيات فروشن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرائم سميت گٽڪا مافيا خلاف آپريشن ڪيو ويو،

ڪورنگي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي عورت کي حراسان ڪندڙن ٻن ڄڻن ضمير احمد ۽ فهد کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، جوابدارن عورت کي ڏٺو ڏئي گهر گهرايو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن خلاف  عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪورنگي نمبر 2 واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار نويد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان 60 پيس گٽڪي جا هٿ ڪيا ويا.

ڪورنگي پوليس شراب ڊيلر کي گرفتار ڪندي 10  بوتلون شراب جون هٿ ڪري ورتيون.

زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث جوابدار کي  سردار کي گرفتار ڪري ورتو.  جنهن وٽان هڪ عدد ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو ويو.

ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار محمد طاهر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان 4 سئو گرام چرس هٿ ڪئي وئي.

لانڍي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن وقاص ۽ راحيل کي گرفتار ڪري ورتو،

پوليس موجب، جوابدارن وٽان ڦرڪيل 3 موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار نبيل حسن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان  گٽڪو هٿ ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*