ڊي جي نيب سنڌ الطاف باواني ۽ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم وچ ۾ ٿيل ملاقات

ڊي جي نيب سنڌ الطاف باواني ۽ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ صاف پاڻي ۽ نيڪال جي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميشن جي سربراهه چيو آهي ته  صاف پاڻي ۽ نيڪال جا منصوبا عوام جي فلاح لاءِ آهن.

ڪراچي ۾ ڊي جي نيب سنڌ الطاف باواني جي واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم سان چيمبر ۾ ملاقات ٿي،

ملاقات ۾ نيب طرفان پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي منصوبن بات جاچ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته نيب پنهنجي جاچ واري عمل کي جاري رکي پر نيڪال ۽ پاڻي فراهمي وارن منصوبن وچ ۾ ڪا به دير ٿيڻ نه گهرجي.

ڪميشن جي سربراهه چيو ته صاف پاڻي ۽ نيڪال جا منصوبا عوامي فلاح لاءِ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*