پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ امڪاني وزير اعظم عمران خان حلف برداري تقريب سادگي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ امڪاني وزير اعظم عمران خان حلف برداري تقريب سادگي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري موجب، عمران خان وزير اعظم پاڪستان جي عهدي جي حلف برداري تقريب انتهائي سادگي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ پرڏيهي شخصيتن کي نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

حلف برداري تقريب مڪمل طور تي قومي تقريب هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي واڌو خرچ نه ڪيو ويندو، جڏهن ته عمران خان ايوان صدر ۾ انتهائي سادگي سان حلف کڻندو.

ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق جو چوڻ هو ته عمران خان عوام جي وچ ۾ حلف کڻڻ جو خواهشمند آهي، جنهن لاءِ ڊي چوڪ يا پريڊ گرائوڊ وارن هنڌن جي چونڊ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*