قومي احتساب بيورو پاڪستان ۾ پاڻي بحران جي حل لاءِ سپريم ڪورٽ سان سهڪار جو فيصلو ڪندي

قومي احتساب بيورو پاڪستان ۾ پاڻي بحران جي حل لاءِ سپريم ڪورٽ سان سهڪار جو فيصلو ڪندي آفيسرن جي ٻن ڏينهن پگهار ڊيمن جي فنڊز ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صدارت نيب جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ويچاريو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب ملڪ ۾ پاڻي بحران جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب آفيسر پنهنجي ٻن ۽ اهلڪار هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيمن لاءِ جمع ڪرائيندا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*