پيپلزپارٽي جي ڊي اي جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي جي ڊي اي جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، ايم اين اي نفيسه شاهه چيو آهي ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کان آخري ڏينهن تائين جي ڊي اي جون شڪايتون ٻڌيون ويون، سڄي سنڌ ۾ سندن مطالبي تي بدليون ٿيون، جي ڊي وارن کي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا شڪست ملي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم اين اي نفيسه شاهه، سيد وقار مهدي، شهلا رضا، ناز بلوچ ۽ راشد رباني  چيو ته جي ڊي اي وارن جا الزام بي بنياد آهن.

نفيسه شاهه چيو ته اليڪشن جي شيڊولجاري ٿيڻ کان آخري ڏينهن تائين رڳو جي ڊي اي جون شڪايتون ٻڌيون ويون پر پ پ اليڪشن سيل جي اعتراض کي نه ٻڌو ويو.

هن چيو ته نگران حڪومت ۾ جي ڊي اي نمائندگي حاصل ڪئي ۽ سندن چوڻ تي آر اوز ۽ ٻين آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو.

نفيسه شاهه چيو ته جي ڊي وارن کي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا شڪست ملي چڪي آهي.

پيپلزپارٽي جي ايم اين اي چيو ته سنڌ ۾ پر امن طور اقتدار جي منتقلي ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن،

هن چيو ته خيرپور۾ 6 هزار حر موجود هئا، جن پرامن صورتحال کي خراب ڪيو.

نفيسه شاهه چيو ته اسان صوبي جون حالتون ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*