خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 70 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران عوامي نيشنل پارٽي جي خوشدل تحريڪ انصاف جي شاهه فرمان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 70 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران عوامي نيشنل پارٽي جي خوشدل تحريڪ انصاف جي شاهه فرمان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

عام چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ  پي ڪي 70 پشاور 5 تان تحريڪ انصاف جي شاهه فرمان 15 هزار چار سئو 4 ووٽ کڻي  سوڀ ماڻي هئي، جڏهن ته مخالف خوشدل خان جي حصي ۾ 15 هزار 3 سئو 57 ووٽ آيا هئا.

عوامي نيشنل پارٽي جي هارايل اميدوار خوشدل خان، شاهه فرمان جي ڪاميابي چيلينج ڪندي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني، جيڪا ريٽرننگ آفيسر منظور ڪري ورتي هئي.

ريٽرننگ آفيسر موجب، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران عوامي نيشنل پارٽي جي خوشدل خان پي ٽي آءِ جي شاهه فرمان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

ريٽرننگ آفيسر موجب، ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ خوشدل خان کي هڪ سئو 87 ووٽن جي برتري حاصل آهي.

واضح رهي ته شاهه فرمان هڪ ٻي صوبائي تڪ پي ڪي 71 تان به ڪامياب ٿيو هو، پي ڪي 70 تان هارائڻ باوجود صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*