ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ بم ڌماڪو، 7 اهلڪارن سميت 15 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ بلاول هائوس ڊيوٽي تي ويندڙ ڪمانڊوز جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 اهلڪارن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪراچي پوليس جي سربراهه غلام قادر ٿيٻي جو چوڻ آهي ته بم موٽر سائيڪل ۾ لڳل هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر مان ڪمانڊوز جي گاڏي بلاول هائوس ڊيوٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته قائد آباد مرغي خاني ويجهو گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 اهلڪارن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*