اسلام آباد جي احتساب عدالت، شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي احتساب عدالت، شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪئي.

نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث پيش ٿيو، جنهن ريفرنسز جي منتقلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي فيصلي تائين ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي وڪيل جي دليل کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

واضح رهي ته نواز شريف جو وڪيل احتساب عدالت جي جج محمد بشير تي اعتراض واريندي چئي چڪو آهي ته جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي چڪو، ٻيا ريفرنس نٿو ٻڌي سگهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*