تحريڪ انصاف سان وفاق ۾ اتحاد ڪجي يا سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان روايتي طور اتحاد برقرار رکجي

تحريڪ انصاف سان وفاق ۾ اتحاد ڪجي يا سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان روايتي طور اتحاد برقرار رکجي، ايم ڪيو ايم پاڪستان مونجهارن جو شڪار هئڻ سان گڏ وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهي آهي، متحده پاڪستان جو وفد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ملاقات لاءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.

بني گالا ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ امڪاني وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران وفاق ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿينديون.

متحده پاڪستان جي وفد جي سربراهي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عامر خان ۽ وسيم اختر به شامل آهن.

ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم وفد عمران خان سان ملاقات دوران 12 نقاطي مطالبا رکندو، جنهن ۾ ڪراچي واسين جا بنيادي مسئلن جو حل شامل آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاق ۾ تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪرڻ جي حوالي سان اڄ حتمي فيصلو ڪندي.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاق ۾ تحريڪ انصاف سان اتحاد جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي به دلاسا ڏئي رهي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*