مخالف ڌر پارٽين تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا آهن

مخالف ڌر پارٽين تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا آهن، وزير اعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت جوڙيل 16 رڪني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ايم ايم اي سميت مخالف ڌر جي هم خيال پارٽين جي 16 رڪني ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن جي وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ نواز ليگ جي ميان شهباز شريف، پيپلز پارٽي جي خورشيد شاهه، شيري رحمان، ايم ايم اي جي مولانا فضل الرحمان، سراج الحق سميت ٻين هم خيال پارٽين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس دوران وزيراعظم لاءِ نون ليگ، اسپيڪر لاءِ پيپلزپارٽي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ايم ايم اي مان اميدوار آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.

اي پي سي ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته چونڊن ۾مبينا ڌانڌلي خلاف پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*