والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جو ظلم رڪجي نه سگهيو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جو ظلم رڪجي نه سگهيو، سوپُور واري علائقي ۾ ڀارتي فورسز فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪشمير ميڊيا سروس موجب،   ڀارتي عملدارن باره مولا واري علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ اسڪول بند ڪري ڇڏيا آهن.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جون ڪارروايون رڪجي نه سگهيون آهن، ڀارتي فورسز سوپور ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فورسز سوپور علائقي جو گهيراءُ ڪيو، جنهن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي عملدارن باره بولا ۾ به انٽرنيٽ سروس ۽ تعليمي ادارا بند ڪرائي ڇڏيا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*